هالا

هالا تاريخ جو ٻار آهي. سندس هر پاسي تاريخ موجود آهي. اگر اسان دوربين استعمال ڪنداسون، ته اسان کي هالا جي اتر ۾ آخري ڪلهوڙا حڪمرانن جي راڄڌاني خدا آباد جا آثار نظر ايندا. اسان جي اوڀر ۾ چوڏهه ميل پرتي مصروف ڪاروباري شهر شهدادپور آهي، جنهن جو بنياد ٽالپر گهراڻي جي وڏڙي مير شهداد خان وڌو هو. اسان جي اولهه ۾ ويجهو ئي هالا پراڻا آهي، جيڪو هن نئين هالا جو ابو آهي.

                هالا سنڌ جو قديم شهرن مان هڪ آهي. انهيءَ سنڌو درياء جي کاڌ کان محفوظ رهڻ لاءِ مسلسل پاڻ پتوڙيو آهي. هن پنهنجي پهرئين اصلي جاءِ ڇڏي هالا پراڻا جي صورت ورتي، جيڪو هنر، تهذيب ۽ علم جو مرڪز ٿي اڀريو. آخرڪار اسان جو ڄاتل سڃاتل نئون هالا پيدا ٿيو. ان هالا پراڻا جي روايتن کي بحال رکيو ۽ هن وقت هو صنعتي ۽ تجارتي شهر بنجي رهيو آهي.

                هن جوءِ، جنهن سگهاري سنڌو درياء جي حملن جو جوانمرديءَ سان مقابلو پئي ڪيو آهي، جي عاليشان تاريخ قديم ۽ ڌنڌيل ماضي تائين پهچي ٿي. هن جو ابتدائي پيشرو ڪجهه وسندين جو جهڳٽو هو، جنهن ۾ هالا برادري ورسيل هئي. هن وسندين جي جهڳٽي ۾ ڪنڊي جو وڻ نمايان جاءِ تي لڳل هو، سو هيءَ جاءِ هالا ڪنڊي طور سڃاپجڻ لڳي. هڪ روايت تحت اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنگهار نالي هڪ سما سردار هالا ڪنڊي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين پنهنجي حڪمرانيءَ جو دائرو وڌايو. اگر اها روايت درست  آهي ته پوءِ هالا ڪنڊي، ٺٽي جو سما ڄامن جي اقتدار ۾ اچڻ (750 هجري) کان به اڳ اٺين صدي عيسوي ۾ مکيه وستي هئي. سنگهار يقينن انهن کان اڳ جو هو، ڇو ته هو ٺٽي جي ڄامن مان نه هو.

                امڪان آهي ته پهرئين هالا ڪنڊي کي نائين صدي هجري ۾ سنڌو درياء غرق ڪيو هوندو ۽ ان جا رهواسي اچي نئين جاءِ تي رهيا هوندا. انهيءَ نئين هالا ڪنڊيءَ کي اسان هالا پراڻا سڏيون ٿا.

                اها نئين هالا ڪنڊي ڏهين صدي هجريءَ کان وٺي هنر، تهذيب، ۽ علم جو مرڪز بنجي ويئي. ڪاشيءَ جي صنعت هن نئين شهر ۾، جيڪو نصرپور سرڪار جي هالا ڪنڊي پرڳڻي جو انتظامي هيڊ ڪوارٽر به هو، اوج تي رسي. هڪ پاسي اهو علمي مرڪز ٿيو ته ٻئي پاسي عظيم صوفي بزرگن ۽ ولين جي جوءِ بنجي ويو. سهروردي طريقو، جيڪو برصغير ۾ سڀ کان اول سنڌ ۾ شيخ بهاءُ الدين زڪريا (جيڪو پوءِ وڃي ملتان ۾ ويٺو) جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿيو، تنهن جا مکيه مهندار هالا ڪنڊي ۾ رهندڙ هئا. اهي ڀٽي مخدوم هئا، جن جو جد امجد اسحاق شيخ بهاءَ الدين زڪريا واري طريقي جو راهي هو. هن جو پٽ مخدوم احمد (وصال 936 هجري) هڪ وڏو اولياءُ هو ۽ هن جو ٻيو پٽ مخدوم محمد ڄام نظام الدين سمي جي وقت ۾ وڏو عالم هو. هنن جي عالم ۽ بزرگ پونيرن هالا ڪنڊيءَ ۾ بزرگي ۽ علميت جي شمع روشن رکي. عالمن ۽ ولين جي ٻئي گروهه جو تعلق مخدوم عربي ديانه جي پيروڪارن سان هو. هن صاحب جو وصال هالا ڪنڊي ۾ 980 هجري ڌاري ٿيو. هالا ڪنڊي جي سيد برادريءَ جو عبداللطيف حسيني به وڏو بزرگ هو. چوٿون ۽ وڌيڪ نامور گروه صديقي بزرگن وارو هو، جيڪي حضرت ابوبڪر صديق ﷦ جا پونير هئا ۽ شيخ ابو نجيب ضياءُ الدين عبدالقادر سهروردي جي طريقي سان تعلق رکندڙ هئا. هن طريقي وارو شيخ فخرالدين صغير هالا ڪنڊي جو وڏو بزرگ هو. هن کان پوءِ پنجين پيڙهي ۾ جڳ مشهور بزرگ مخدوم نوح (مخدوم نعمت الله) هو، جو اسان جي هاڻوڪي مخدوم محمد زمان صاحب جو جد امجد هو. حضرت نوح جو وصال 27 ذي القعد 998 هجري تي ٿيو. مرزا عبدالرحيم خان خانانِ، جنهن کي شهنشاهه اڪبر مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ موڪليو هو، سو 999 هجري ۾ هالا ڪنڊي ۾ مخدوم نوح رح جي فاتحه خواني تي پهتو. اڳتي هلي سنڌ درياءَ هالا ڪنڊي جي رخ ۾ پائڻ شروع ڪيو، تنهن ڪري حضرت مخدوم نوح جي درگاه کي هاڻوڪي جڳهه تي منتقل ڪيو ويو. ان بعد هاڻوڪي هالا، جنهن کي اسان نوان هالا ڪوٺيون ٿا، جو قيام ٿيو.

                        نئين هالا به هنر، تهذيب ۽ علم وارين پنهنجي پراڻين روايتن کي برقرار رکيو آهي. اڃا به ڪاشي، جنڊي، سوسي ۽ اجرڪ واري مقامي صنعت اوج تي آهي. مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري، جديد تعليم واري دور جو اجراء ڪيو. هاڻوڪو (اڳوڻو) سجاده نشين مخدوم محمد زمان صاحب به فنون، تعليم ۽ ادب کي همٿائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت هو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي.

- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
مترجم: محمد حبيب سنائي

(هيءُ مضون سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي سالياني سروري مئگزين جي 66-1965ع واري شماري ۾ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو هو.

ڪتاب جو نالو: هالا جا رنگ هزار
مصنف:       محمد حبيب سنائي

 

Get a free account @halanew.com